اسلام آباد-25 جنوري (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي ??ي) چيو آهي ته ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ تيزي رفتاري تي ضابطو آڻي روڊ حادثن سبب ٿيل فوتگين جي شرح ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي ٿي. اها ڳالهه اي ڊي ??ي جي تازي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ رستن تي رفتار جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي ملڪن کي جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ويو ته سراسري رفتار ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي جي صورت ۾ ٽريف?? حادثن جي شرح ۾ 4 سيڪڙو تائين جڏهن ته فوتگين جي شرح ۾ 3.5 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. اي ڊي ??ي جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ هر سال ٽريف?? حادثن جي نتيجي ۾ 11 لک 90 هزار کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خط ۾ ٽريف?? حادثن ۾ روزانو 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زندگي جي بازي هارائي وين??ا آهن، رپورٽ ۾ ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ رستن تي سراسري رفتار ۾ گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. چيو ويو آهي ته خطي جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ شهري علائقن ۾ سراسري رفتار 50 کان 60 ڪل?? ميٽر کان گهٽائي 40 ڪل??ميٽر تائين ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان کي وڌيڪ گهٽ ??ري 30 ڪل??ميٽر في ڪلاڪ تائين آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، رپورٽ ۾ رستن تي رفتار جي حوالي سان آگاهي ۽ انفورسمينٽ جي طريقن ۾ به??ري آڻڻ جي به سفارش ۽ ان سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ويو آهي.
ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ تيزي رفتاري تي ضابطو آڻي حادثاتي فوتگين جي شرح ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي ٿي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina