اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خميس ڏينهن ملائيشي?? جي وزيراعظم مهاتير محم?? سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، هن پاڪستان جي عوام ۽ پنهنجي پاران مهاتير محمد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هو هڪ مدبر ۽ اعليٰ اڳواڻ آه??، وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ملائيشي?? جي وزيراعظم کي عام چونڊن ۾ ”پاڪا تن هراپن“ جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، هن ملائيشي?? جي مستحڪم اقتصادي ترقي جي لاءِ وزيراعظم مهاتير محمد جي ويزن جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم مهاتير محمد به وزيراعظم عمران خان جي لاءِ اهڙن جذبن جو اظهار ڪندي پاڪستان جي تازين چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏن??، وزيراعظم عمران خان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۽ هڪٻئي جي مهارتن مان فائدي لاءِ عملي سطح تي حصيداري جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم ملائيشي?? جي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪري ورت??، وزيراعظم مهاتير محمد به وزيراعظم عمران خان کي ملائيشي?? جي جلد دوري جي دعوت ڏني ۽ هن به اها دعوت قبول ڪري ورتي.
وزيراعظم عمران خان جو ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل