اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان حڪومت جا 100 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي تعليم، صحت، غربت جي خاتمي سميت ڪيترن ئي شعبن تي ٻڌل ٺوس پروگرام قوم آڏو پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته درپيش مشڪل حالتن جي باوجود ايند?? ڪجهه مهينن ۾ واضح تبديلي نظر ايندي. هن اها ڳالهه ليکڪن تي ٻڌل وفد سان ڳالهائيند?? چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اهم ملڪي معاملن ۽ حڪومتي پاليسين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت پنهنجا 100 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي تعليم، صحت، غربت جي خاتمي ۽ ٻين ڪيترن ئي حوالن سان تفصي??ي ۽ ٺوس پروگرام قوم آڏو پيش ڪندي. ڪنهن به حڪومت ۾ پهريان 100 ڏينهن حڪومت جي ايندڙ رخ جو ت??ين ڪندا آهن.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے