اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ??اض?? طور چو??ن ٿو ته عمران خان 5 سال پورا ڪندو ۽ معاشي حالتون بهتر ڪري قوم کي اڳتي وٺي ويندو جنهن کي لانگ مارچ ڪرڻو آهي ڪري وٺي، اسلام آباد اچڻو آهي ڀلي اچي اسين آجيان ??اء?? تيار آهيون. اهڙو اظهار هن آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وزير چيو ته آجياڻي واري ناشتي تي اوهان جو دلي طور ٿورائتو آهيان، انشاءَ الله 70 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 23 ڊسمبر تي وزيراعظم پوليس لائنز ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. عمران خان جو ڪريڊٽ آهي ته پوليس کي پهريون ڀيرو ايتري عزت ۽ـ مانُ ملي پيو. هن چيو ته هڪ لک سُڃاڻپ ڪارڊ روز جاري ٿيندا ۽ پهريون مفت جاري ٿيندو. اسلام آباد ۾ 3 کان سواءِ سموريون چيڪ پوسٽون ختم ڪري ڇڏ??ون آهن، 23 ڊسمبر تي وزيراعظم فنڊ ڏيندو ته سموريون چيڪ پوسٽون ختم ڪري ڇڏ??نداسين، سمورن تعلقن ۾ سُڃاڻپ ڪارڊ آفيسون کوليون وينديون جيڪي تعلقه رهجي ويا آهن اتي هر هفتي هڪ آفيس کولي ويندي. 10 ملڪن ۾ سُڃاڻپ ڪارڊن ۽ پاسپورٽ جو انتظام آهي، سڄي دنيا ۾ پرڏيهي وزارت سان گڏجي سُڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو نظام بهتر ڪنداسين ۽ وڌيڪ آفيسون کولينداسين. هن چيو ته وزيراعظم مون مٿان اعتماد ڪيو آهي، 100 ڏينهن ۾ گهرو وزارت ۾ تبديلي ايندي. اميگريشن، نادرا، پاسپورٽ، ايف آءِ اي سمورا ادار?? قومي جي خدمت ??اء?? هوندا.
واضح چوان ٿو ته عمران خان 5 سال پورا ڪندو، جنهن کي لانگ مارچ ڪرڻو آهي ڪري وٺي: شيخ رشيد احمد
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی