اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان جي لاءِ افغان صدر جي خاص نمائندي عمر دائود زئي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، واپار جي فروغ سميت ??ڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي عوام اخوت، ثقافت ۽ تاريخ جي لازوال رشتن ۾ جڙيل آهي، پاڪست??ن افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ افغان حڪومت ۽ عوام سان ??لهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن چيو ته مستحڪم ۽ مضبوط افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي، هن چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت افغانستان سان وسيع النبياد واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿي، پاڪستان جي خواهش آهي ته سي پيڪ منصوبي م??ن افغانستان فائدو کڻي، سي پيڪ منصوبو خطي ۾ معاشي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ گيم چينجر منصوبو ثابت ٿيندو
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان جي لاءِ افغان صدر جي خاص نمائندي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے