اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايندڙ چونڊن کي وڌيڪ شفاف، محفوظ ۽ غيرجانبدار بڻ??ئڻ جي لاءِ چونڊ عمل جي سمورن مرحلن ۾ سڌارا آڻيندي هڪ ٺوس طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي قومي ذميواري آهي ته اهي ملڪ ۾ چونڊ نظام کي مضبوط بڻ??ئڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪن. هن آئي ووٽنگ جي طريقيڪار جي ذريعي چونڊن ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شموليت کي يقيني بڻ??ئڻ جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ته جيئن اهي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جي قابل بڻجي سگهن. هو ايوان صدر ۾ چونڊ سڌارن جي عمل بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر سيد شبلي فراز، ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم خان سواتي، وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهيرالدين بابر اعواڻ ۽ سرور باري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ موجوده چونڊ قانونن کي بهتر بڻ??ئڻ جي حوالي سا?? مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ چونڊ سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌ??ئڻ ۽ ان کي وڌيڪ ٺوس بڻ??ئڻ جي لاءِ سياسي پارٽين ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ اتفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي به اجاگر ڪيو ويو ته سياسي پارٽين کي عورت اميدوارن جي چونڊ ۽ خاص طور تي پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن کي ڀرڻ جي لاءِ وڌيڪ جمهوري عمل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ هڪ کان وڌيڪ تڪن تان اليڪشن وڙهندڙ اميدوارن جي معاملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) جا عملي مظاهرا ان بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ چونڊن ۾ ان جي استعمال بابت ڪنهن به قسم جي شڪ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪيا پيا وڃن. صدر سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي پاڪستاني عوام جي بنيادي سياسي حقن جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
ايندڙ چونڊن کي وڌيڪ شفاف، محفوظ ۽ غيرجانبدار بڻائڻ لاءِ هڪ ٺوس طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز