اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان سدائين مشڪل وقت ۾ افغان عوام جو ساٿ ڏنو آهي، عالمي برادري افغان عوام جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ذ??يواريون پوريون ڪري، افغان عوام جي انساني ب??يادن تي هر ممڪن مدد جاري رکنداسين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظ?? چيو ته هن افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي ۽ سندس وفد کي خاطري ڪرائي آهي ته اسان افغانستان کي انساني همدردي جي ب??ياد تي سموري ممڪن امداد فراهم ڪنداسين ۽ افغان عوام کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ کاڌي جون ضروري شيون، هنگامي طبي اوزار ۽ سرديءَ کان بچڻ جي لاءِ سامان موڪلي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جو سفر ڪندڙ سمورن افغان شهرين کي ڪوويڊ 19 ويڪسين فراهم ڪنداسين. وزيراعظ?? چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏي ٿو ته اها افغانستان جي عوام کي درپيش سنگين انساني بحران کان بچڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل ذميواري پوري ڪري.
پاڪستان سدائين مشڪل وقت ۾ افغان عوام جو ساٿ ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی