اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻهن جو خصوصي خيال رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته معاشري جي ذميداري آه?? ته انهن جي لاءِ خصوصي ڪوششون ڪري ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪري، کين معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ لاءِ تعليم ۽ ملازمتن ۾ ٻين شهرين جي برابر ۽ سازگار موقعا فراهم ڪيا وڃن، معذور ماڻهن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ ۽ پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ هنر ۽ تربيت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آه??، احساس پروگرام ۾ 4 لک خصوصي ماڻهن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ايوان صدر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو موضوع ڪورونا وائرس جي وبا کانپوء?? دنيا ۾ معذور ماڻهن جي شموليت، رسائي ۽ پائيداريت جي حوالي سان قيادت ۽ حصيداري هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خصوصي ٻارن جي حوالي سان اسان کي پنهنجي ذميدارين کي سمجهڻو پوندو، خصوصي ٻارن کي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، خصوصي ماڻهن جا چار قسم آه??، انهن ۾ ٻڌڻ، ڏسڻ، عام جسماني معذوري ۽ ذهني معذوري شامل آه??، ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ عام جسماني معذور ماڻهو ٻين شهرين جي برابر ذهين هوندا آه??، هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي معاملن تي معاشري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، معاشري جي ذميداري آه?? ته ان جي لاءِ خصوصي ڪوششون ڪري ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪري. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ 10 کان 12 سيڪڙو ماڻهو خصوصي هوندا آه??، هن چيو ته بازارن ۽ عوامي هنڌن تي خصوصي ماڻهن جي لاءِ ريمپ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هر جڳهه تي خصوصي ماڻهن لاءِ ريمپ بڻائڻ گهرجن، هاڻي هر عمارت ۾ ريمپ لازمي ٺاهڻا پوندا، اسلام آباد ۾ سي ڊي اي بازارن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ريمپ ٺاهيا آه??، صدر چيو ته جيڪي خصوصي ماڻهو تعليم حاصل نٿا ڪريس گهن انهن سکيا فراهم ڪئي پئي وڃي، استادن کي خصوصي ٻارن جي تعليم جي حوالي سان تربيت فراهم ڪرڻ گهرجي. خصوصي ٻارن کي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺڻ کان نٿو روڪي سگهجي، هر اسڪول ۾ خصوصي ٻارن جي لاءِ استاد موجود هجڻ گهرجن، هن چيو ته ڪراچي ۾ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهو ر??سٽ??رينٽ هلائي رهيا آه??، اين جي اوز خصوصي ماڻهن کي تربيت فراهم ڪري، هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي نوڪرين جا موقعا به فراهم ڪرڻ گهرجن. صدر چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر خصوصي ماڻهن جي لاءِ خصوصي قدم کنيا، بئنڪن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ريمپ ٺاهيا ويا آه?? ۽ خصوصي ڪائونٽر ب?? قائم ڪيا ويا آه??، هن چيو ته احساس پروگرام ۾ 4 لک خصوصي ماڻهن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آه?? ۽ کين 2 هزار روپيا ماهوار وظيفو ڏنو پيو وڃي، معذور ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آه??. هن چيو ته نئين آدم شماري سان معذور ماڻهن جا درست انگ اکر سامهون ايندا ۽ ان سان بهتر پاليسي سازي ۾ مدد ملندي. انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد خصوصي ماڻهن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ ۽ کين حقن جي فراهمي طرف دنيا ۽ حڪومتن جو ڌيان ڇڪرائڻ آه??، حڪومتن جي ذميداري آه?? ته هو خصوصي ماڻهن کي برابر موقعا ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم ۽ قانون سازي ڪن، موجوده حڪومت خصوصي ماڻهن کي انهن جا حق ڏيڻ لاءِ قانوسازي ڪئي آه??، انهن جي لاءِ نوڪرين ۾ ڪوٽا مختص آه??، جيڪي ادارا ان ڪوٽا تي عمل نه ڪري رهيا آه?? انهن جي فهرست جوڙي ورتي آه??، خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين ۾ ڪوٽا وڌايو وڃي،هن چيو ته انساني حقن واري وزارت خصوصي ماڻهن جي معلومات تائين پهچ ۽ سهولت لاءِ موبائيل ايپ جاري ڪئي آه?? جنهن جي ذريعي هو آن لائين درخواستون ڏئي سگهن ٿا، ون ونڊو آپريشن جي لاءِ چڪ شهزاد ۾ ون ونڊو آپريشن سينٽر قائم ڪيو ويو آه?? اسلام آباد جي سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ خصوصي ماڻهن جي تعليم جي حوالي سان تعليم واري وفاقي وزارت سان معاهدي تي صحيحون ڪيون آه??، خصوصي ماڻهن جي خلاف سائزبر ڪرائيم ۽ گهريلو تشدد جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪري رهيا آه??ون، خصوصي ماڻهن کي عام شهرين جي برابر حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آه??ون، سي بي ايم جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سيد محمد علي شاهه چيو ته معاشري جي ذميداري آه?? ته خصوصي ماڻهن جي سمورن شعبن ۾ برابر شرڪت يقيني بڻائي.
معذور ماڻهن جو خصوصي خيال رکڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو