اسلام آباد – 06 ڊسمبر (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڻي جي کوٽ ۽ گلوبل وارمنگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ جامع قدمن جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ??ه آبي وسيلن جي ??حفظ ۽ مينيجمينٽ لاءِ وڌيڪ تحقيق سان مثبت نتيجا نڪرندا، حڪومت ملڪ ۾ پاڻي جي وڌندڙ کوٽ جي مسئلي جي ??ل لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي ??هي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڻي جي ??ستعمال جي موثر نظام تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورسز جو چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشرف، انٽرنيشنل واٽرمينيجمينٽ انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر جنرل مارڪ سمٿ، انسٽيٽيوٽ جو پاڪستان ۾ نمائنده ڊاڪٽر محسن حفيظ، انٽرنيشنل واٽر مينيجمينٽ انسٽيٽيوٽ جو ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽر سيمي ڪمال سميت موسمياتي ۽ آبي ماهرن شرڪت ڪئي. صدر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سڄي دنيا کي گلوبل وارمنگ ۽ ٻيا موسمياتي چئلينجز درپيش آهن، حڪومت پاڻي جي ??خيرن جي ??هتري لاءِ ڪم ڪري رهي ??هي، زراعت جي ??عبي ۾ پاڻي جو بهتر استعمال تمام گهڻو ضروري آهي، هن ڪانفرنس جي ??نعقاد کي خوش آئ??ده قرار ڏيندي چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس پاڻي جي ??سٽوريج جي ??والي سان وڏو ڪم ڪيو، گلوبل وارمنگ به پاڻي جي ??خيرن لاءِ مسئلو آهي، پاڻي جي ??ستعمال ۾ سڀني کي ذميداري جو احساس ڏيارڻ گهرجي، پراڻي وقتن ۾ تهذيب دريائن سان گڏ هلندي هئي، بلوچستان ۾ سوين ننڍا ڊيم بڻجي ??هيا آهن، اڄ پاڻي کي ري سائيڪل ڪرڻ جي ??رورت آهي، صدر چيو ته گلوبل وارمنگ ۽ ٻين موسمياتي چئلينجن سان گهٽ ۽ وڌيڪ برساتون پريشاني جو سبب آهن، هن چيو ته بلوچستان، ٿرپارڪر ۽ چولستان کي پاڻي جي کوٽ جو مسئلو درپيش آهي، ڪوئيٽا ۾ ٽن سالن کان پاڻي جي ??نگين کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي ??هيو آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بلوچستان ۾ سون جي ??عداد ۾ ننڍا ڊيم بڻجي ??هيا آهن ته جيئن ڏورانهن علائقن ۾ پاڻي کي ذخيرو ڪري سگهجي، پاڻي جي ??حفظ لاءِ حڪومتي سطح تي قدم اڻٽر آهن، زرعي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ آبادگارن کي به پاڻي جي ??چت کي پنهنجو شعار بڻائڻ گهرجي، هن چيو ته پاڻي بچائڻ لاءِ ڀرپور قدمن جي ??رورت آهي، وضو ڪندي وقت پاڻي جي ??ستعمال ۾ احتياط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ تحفظ سان بيمارين کان به بچي سگهجي ٿو. دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به پاڻي جي ??حفظ لاءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تي قدمن جي ??رورت آهي، ڪراچي ۾ صنعت کي ري سائيڪل پاڻي فراهم ڪرڻ گهرجي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پنجاب ۾ زمين مان 12 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪڍيو ويندو آهي ??يڪو ڳڻتي جو سبب آهي، صدر چيو ته گلوبل وارمنگ جي نتيجي ۾ هوا ۾ پاڻي جو تناسب وڌي ويندو جنهن سان ڪيترن ئي علائقن ۾ گهٽ ۽ ڪٿي وڌيڪ برساتون ٿينديون. هن 2018ع جي واٽر پاليسي کي گهڻو بهتر قرار ڏيندي چيو ته ان تي عملدرآمد حڪومت جي ??ميداري آهي، صدر چيو ته قديم تهذيبون ۽ شهري آباديون دريائن جي ڪنارن تي آباد هيون ۽ موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ جڏهن انهن دريائن پنهنج?? رخ بدلايو ته اهي ??هر به ختم ٿي ويا، صدر ڪانفرنس جي ??نعقاد تي منتظمين جو ٿورو ادا ڪندي چيوته 1960ع ۾ ننڍي کنڊ ۾ پاڻي جي مسئلي جي ??ل لاءِ سنڌ طاس آبادي معاهدو ٿيو. ان وقت اسان جو خيال هو ته اسان وٽ پاڻي ڪافي آهي، پر هاڻي صورتحال اها آهي ??ه پاڻي جي کوٽ وڌي رهي ??هي، هاڻي دنيا کي گلوبل وارمنگ درپيش آهي، پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ سان به معاملو حل نه ٿيندو.
پاڻي وسيلن جي تحفظ ۽ مينيجمينٽ لاءِ وڌيڪ تحقيق سان مثبت نتيجا نڪرندا: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا