اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پارٽي ڇڏڻ ۽ ٻين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ قانون موجود آهي، آرٽيڪل 63 ون اي موجب اسپيڪر کي پار??ي سربراهه جي خط کانپوءِ ميمبر جو ووٽ شمار نه ٿيندو. پنهنج?? هڪ بيان ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته ميمبر پاڻ چئي رهيا آهن ته هنن پارٽي ڇڏي ڏني آهي، انهن ميمبرن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ انهن جي نااهلي به تاحيات هوندي، سنڌ جي وڏي وزير غريب عوام جا پ??سا ماڻهن جا ضمير خريدڻ لاءِ موڪليا، ??نڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نه آهي، صحت جي نظام جو برو حال آهي ۽ سنڌ جا حڪمران خريد ۽ وڪري ۾ لڳل آهن، حڪومت وٽ وسيلا هوندا آهن، ان لاءِ خريد ۽ وڪرو ڪرڻ آسان آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته جڏهن بينظير ڀٽو جي خلاف بي اعتمادي رٿ آئي ته وسيلن کي استعمال ڪري رٿ کي ناڪام بڻايو ويو هو.
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا