اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) موسميات کاتي سومر 20 کان اربع 22 جون تائين ملڪ جي مختلف ??لا??قن ۾ وڏي طوفان ۽ گجگوڙ سان برساتن جي سلسلي جي اڳڪٿي ڪندي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ جاري ڪندي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. موسميات کاتي پاران جاري ڪيل تازي ايڊوائيزري موجب سومر 20 کان اربع 22 جون تائين ملڪ جي اترئين ۽ وچو وارن ??لا??قن ۾ وسيع پئماني تي طوفان ۽ گجگوڙ سان تيز برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو. تيز برساتن جي ان سلسلي جي ڪري خيبرپختونخواهه، گليات، ڪشمير ۽ گلگت بلتست??ن ۾ لينڊ سلائيدنگ کانسواءِ ملڪ جي اڪثر ??لا??قن ۾ ندي نالن/ دريائن ۾ طغياني ۽ نشيبي ??لا??قا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. اين ڊي ايم اي ان صورتحال جي ڏس ۾ سمورين لاڳاپيل وفاقي، صوبائي وزارتن بشمول پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، صوبائي، گلگت بلتستان، اسٽيٽ ۽ ضلعي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سميت سمورن لاڳاپيل کاتن کي ڪنهن به قسم جي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ وقت سر اڳواٽ قدم کڻڻ جي لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن ڪنهن به قسم جي امڪاني جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. پي ڊي ايم اي ۽ ڊي ڊي ايم اي کي سمورن لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهڻ، ايمرجنسي مشينري ۽ عملي ب??مول نشيبي ??لا??قن جي لاءِ ڊي واٽرنگ پمپس جي اڳواٽ موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت جاري ڪئي ته جيئن موسم جي ڪري رهائشي ??لا??قن ۾ ٻوڏ واري پاڻي کي منهن ڏيڻ ۽ رستا بلاڪ ٿيڻ جي صورت ۾ وقت سر قدم کڻي سگهجن. لوڪل ريسڪيو سروسز ڊپارٽمينٽس ٻوڏ خطري ۾ ورتل ??لا??قن جي رهواسين خاص طور تي سياحتي جاين طرف عوام کي غيرضروري چرپر کان محتاط رکڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي آگاهي مهم هلائين. وڌيڪ اهو ته نشيبي ??لا??قن ۾ رهندڙ ماڻهو محتاط رهندي ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال کان لاڳاپيل ايمرجنسي سروسز کي فوري طور تي مطلع ڪن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بشمول موٽروي/ ٽريفڪ پوليس اترين ??لا??قن طرف سفر ڪندڙ مسافرن ۽ سياحن کي امڪاني ب??ساتن ۽ رستن جي تازي صورتحال کان باخبر رکن.
موسميات کاتي پاران سومر 20 کان اربع 22 جون تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وڏي طوفان ۽ گجگوڙ سان برساتن جي سلسلي جي اڳڪٿي، لاڳاپيل ادارن کي الرٽ جاري
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ