اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل س??فر??ز علي سميت پاڪ فوج جي 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس ج?? اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم پنهنجي شه??دن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل س??فر??ز، ڊي جي پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد حنيف، ڪمانڊر انجنيئر 12 ڪور برگيڊيئر خالد، پائليٽ ميجر سعيد، ڪو پائليٽ ميجر طلحيٰ ۽ ڪريو چيف نائيڪ مدثر شهيد کي سڄي قوم سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته وطن جا اهي فرزند قوم جو فخر آهن، جن پنهنجون جانيون ٻوڏ ۾ گهيريل پنهنجي هم وطنن جون جانيون بچائڻ جي لاءِ قربان ڪري ڇڏيون. وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل س??فر??ز علي ۽ سندس ساٿ?? انسانيت جي خدمت ۽ فرض جي ادائيگي جو روشن مثال بڻيا آهن. ليفٽيننٽ جنرل س??فر??ز علي هڪ بهترين پروفيشنل فرض شناس ۽ قابل آفيسر هجڻ سان گڏوگڏ انتهائي ايماندار ۽ سٺو انسان هو. هن چيو ته سڄي قوم ان حادثي ت?? انتهائي ڏکويل آهي. اسان شه??دن جي گهروارن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت ڪريون ٿا. سڄي قوم شه??دن جي گهروارن جي ڏک ۾ شريڪ آهي. الله تعاليٰ شه??دن جا درجا بلند فرمائي ۽ گهروارن کي صبر ۽ اجر عظيم عطا فرمائي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت پاڪ فوج جي 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil