اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جا اهي سمورا 406 متاثر فيڊرز ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي ويندا جتان ٻوڏ وارو پاڻي لهي چڪو آهي، انڊس هاءِ وي اين – 55 جي ڪجهه علائقن ۾ اڃا تائين ٻوڏ وارو پاڻي بيٺل آهي باقي سمورا وڏا رستا ٽريفڪ ج?? لاءِ مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن. ??زي??اعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ امداد ۽ بحالي جي موجوده صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. ??زي??اعظم کي متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل انفراس??رڪ??ر جي بحالي، خاص طور تي بجلي، پيٽرول ۽ مواصلات جي نظام جي بحالي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي، بجلي واري وزارت جي سيڪريٽري ??زي??اعظم کي ٻڌايو ته سندس هدايت موجب وزارت جا سمورا آفيسر فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ ٻوڏ جي ڪري بجلي جي فراهمي ۾ ايندڙ تعطل کي بحال ڪرڻ جي ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيا آهن. ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ 07 کانسواءِ بجلي جا اهي سمورا 406 متاثر فيڊرز ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي ويندا جتان ٻوڏ وارو پاڻي لهي چڪو آهي. انهن فيڊرز ۾ 04 پنجاب، 22 خيبرپختونخواهه، 90 سنڌ ۽ 20 بلوچستان ۾ آهن. اين ايڇ اي جي چيئرمين ??زي??اعظم کي ٻڌايو ته انڊس هاءِ وي اين – 55 جا ڪجهه علائقا جتي اڃا تائين ٻوڏ وارو پاڻي بيٺل آهي کانسواءِ سمورا وڏا رستا جن ۾ اين – 5 جي ٽي روڊ ۽ اين – 65 سکر کان ڪوئيٽا روڊ شامل آهن ٽريفڪ ج?? لاءِ مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن. ??زي??اعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي جون ٽيمون فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ برساتن ۽ ٻوڏ واري پاڻي جي ڪري رستن تي پيل گهاري ڀرڻ جو ڪم وڏي تيزي سان جاري رکيو آهي. پي ٽي اي چيئرمين ??زي??اعظم کي ٻڌايو ته ملڪ ج?? سمورين 51733 موبائيل ڪميونيڪشن سائيٽس مان رڳو 648 سائيٽس ٻوڏ واري پاڻي جي بيهڻ جي ڪري هيستائين بحال ناهن ٿي سگهيون، جيڪي انشاءَ الله ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي وينديون. ??زي??اعظم ريليف ۽ ريسڪيو ۾ سمورن ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ انهن کي آفت سٽيل علائقن ۾ رهندڙ هم وطنن جي مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ ۾ وڌيڪ محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ امداد ۽ بحالي جي موجوده صورتحال تي اجلاس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ