مظفر آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي و??يراعظم سردار تنوير الياس خان چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي حڪومت پوري رياست جي نمائنده حڪومت آهي، بيس ڪئمپ جي حڪومت ۽ عوام پنهنجي و??لاريل ڪشمير جي ڀائرن ??ان گڏ بيٺل آهي. حقيقي آزادي ان ڏينهن ٿيندي جڏهن والاريل ڪشمير به هندستاني قبضي کان آزاد ٿيندو. دنيا ياد رکي ته ڪشمير جو تڪرار زمي?? جي ٽڪڙي جو نه آهي پر ڏيڍ ڪروڙ انساني زندگين جو مسئلو آهي. آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو 75 هون يوم تاسيس اسا?? جي وڏ?? جي قرباني?? جي ياد ڏياري ٿو. 1947ع ۾ اسا?? جي وڏن ۽ مجاهدن هي خطو آزاد ڪرايو. اڄ جي ڏينهن آزاد ڪشمير جي عوام ??ان واعدو ڪريان ٿو ته توهان کي تبديل ٿيل آزاد ڪشمير ڏينداسين. پاڪستا?? جي هٿياربند فوج جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هندس??ان شايد مسلمان?? جي تاريخ کان واقف نه آهي. طاقت جي زور تي ڪشميري?? جي تحريڪ کي نه ٿو دٻائي سگهجي. ڪشمير مسئلو حل نه ڪيو ويو ته پوءِ ا??ان وٽ اختيار آهي ته ڪو ٻيو رستو اختيار ڪريون. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي 75 هين يوم تاسيس جي موقعي تي گادي و??ري شهر مظفرآباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ منعقد يوم تاسيس جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو خاص مهمان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وقتي صدر چوڌري انوارالحق هو. مرڪزي تقريب ۾ سينيئر موسٽ وزير خواجه فاروق احمد، حڪومتي و??يرن، اسيمبلي ميمبرن، چيف سيڪريٽري، انسپيڪٽر جنرل پوليس، سيڪريٽرين، سول ۽ عسڪري عملدارن کانسواءِ شهري?? جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي و??يراعظم سردار تنوير الياس خان چيو ته چوڌري غلام عباس جهڙي عظيم اڳواڻن ان وقت جدوجهد جي قيادت ڪئي ۽ محسن ڪشمير غازي ملت سردار محمد ابراهيم خا?? جي سربراهي ۾ بيس ڪئمپ جي حڪومت قائم ٿي. جنهن عظيم مقصد جي لاءِ بيس ڪئمپ جي حڪومت جو قيام عمل ۾ آندو ويو ان کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ بيس ڪئمپ جي حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته هندستا?? جي حڪومت آ?? ايس ايس جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، عالمي دنيا، يو اين ۽ او آءِ سي سميت ٻين عالمي ادارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته گڏيل قوم?? جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. والاريل ڪشمير ۾ هندس??ان انساني حقن جون بدترين پائماليون ڪيون آهن، حريت قيادت کي جيلن ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستا?? جي شهه رڳ قرار ڏنو، پوري پاڪستاني قوم ڪشميرين ??ان گڏ بيٺل آهي. اسا?? جي حڪومت ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ لاءِ قرباني جا عظيم داس??ان لکندڙ ڪيپٽن سرور شهيد جو يوم شهادت ڀرپور انداز ??ان ملهايو. وزيراعظم سردار تنوير الياس خان چيو ته آزاد خطي ۾ گڊ گورننس لاڳو ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، آزاد ڪشمير جي عوام ??ان واعدو آهي ته توهان کي تبديل ٿيل ڪشمير ڏينداسين.
آزاد ڪشمير جي حڪومت پوري رياست جي نمائنده حڪومت آهي: سردار تنوير الياس خان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر