بيجنگ – 02 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ چين ??ي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ايم ايل ون کي شروعاتي هارويسٽ منصوبي جي طور تي شروع ڪرڻ جي لاءِ گڏ??ل ڪوششن تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته چيني صدر پاڪستان جي لاءِ 50 ڪروڙ يوان جي اضافي امداد جو اعلان ڪيو، ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ سي پيڪ جي افغانستان تائين ??وسيع تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 20 هين مرڪزي ڪميٽي جو ٻيهر جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي صدر شي جن پنگ کي مبارڪباد ڏني. هن ملڪ ۾ هولناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي ڏس ۾ پاڪستان جي امداد، بحالي ۽ ن??ين ??ر تعمير جي ڪوششن ۾ چين ??ي اڻٿڪ مدد تي پڻ ان جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ گڏ??ل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي لاءِ پنهنجي وابستگي کي ورجايو جيڪا هر آزمائش ۾ پوري لٿي آهي. ٻنهي ملڪن امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي پنهنجي گڏ??ل ويزن کي عملي جامعو پارائڻ ۾ مضبوطي سان گڏ بيٺل آهن. چين ??ان پاڪستان جي منفرد تاريخي لاڳاپن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪا م جي لاءِ ٻطرفي دوستي جي عزم کي ورجائيندي وزيراعظم شهباز شريف ان ڳالهه جو ڀرپور ورجاءُ ڪ??و ته پاڪ چين ??وستي پاڪستان ۾ سياسي سطح تي مڪمل اتفاق راءِ رکي ٿي ۽ اهو بين ??لرياستي لاڳاپن جو هڪ نمونو آهي. وزيراعظم چين ??ي خوشحالي جي لاءِ صدر شي جن پنگ جي قيادت ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي ويزن کي خراج تحسين پيش ڪندي چ??و ته پاڪستان کي چين ??ي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي قومي عزم سان تحريڪ ملي آهي. ٻنهي اڳواڻن دفاع، واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، صحت، تعليم، گرين ??نرجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري سميت ڪيترن ئي معاملن تي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن سي پيڪ جي لاءِ پنهنجي گڏ??ل وابستگي کي ورجايو ۽ ان ڳالهه کي اجاگر ڪ??و ته سي پيڪ جي اعليٰ معياري ترقي پاڪستان ۽ چين ??ي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه سان اتفاق ڪ??و ته اسٽريٽجڪ اهميت جي منصوبي جي طور تي ٻئي ڌريون سي پيڪ جي فريم ورڪ تحت ايم ايل ون کي شروعاتي هارويسٽ منصوبي طور شروع ڪرڻ جي لاءِ گڏ??ل ڪوششون ڪندا. هنن ڪراچي ۾ ماس ٽرانزٽ منصوبي جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي کي جلد شروع ڪرڻ جي لاءِ سمورين ??سمي ڪاررواين کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. هنن دوري دوران ٻطرفي تعاون جي وسيع معاملن جو احاطو ڪندڙ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن کي پڻ ساراهيو. صدر شي جن پنگ يقين ڏيار??و ته چين پائيدار اقتصادي ترقي ۽ جيو اڪنامڪ مرڪز طور پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. هن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي امداد ۽ بحالي جي ڪوششن جي لاءِ 500 ملين يوان جي اضافي امداد جو پئڪيج جو پڻ اعلان ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ماحول ۾ تيزي سان تبديلي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اقتصادي چئلينجنک ي وڌائي ڇڏيو آهي. هنن برابري ۽ گڏ??ل فائدي تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون تي پنهنجي گڏ??ل يقين ??ي توثيق ڪئي جيڪو عالمي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم آهي. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪ??و ته موسمياتي تبديلي، صحت جي وبائي مرضن ۽ وڌند?? اڻبرابري جهڙن موجوده چئلينجن جي لاءِ گڏ??ل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن موجب رياستن جي وچ ۾ تعاون جي ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر شي جن پنگ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ افغانستان جي صورتحال سميت خطي سان لاڳاپيل اهم معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪ??و ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان علائقائي سلامتي ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيندو. هنن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪ??و ته سي پيڪ جي افغانستان تائين ??وسيع سان علائقائي رابطن جي قدمن کي سگهه ملندي. وزيراعظم سي شي جن پنگ کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات، ايم ايل ون کي شروعاتي هارويسٽ منصوبي طور شروع ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil