اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽيڪ پاران گهٽ ترقي يافته مسلمان ??لڪن ۾ هنر ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي جي قدمن کي ساراهيندي افغانستان ۾ شاگردن کي آن لائين ۽ رڪارڊ شده تعليم جي فراهمي تي زور ڏنو آهي ۽ چيو ??هي ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ??رچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي ماڊيولز ۽ آن لائين ??عليمي خدمتن جي فراهمي جي آڇ ڪ??ي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن او آءِ سي جي سائنسي ۽ فني تعاون (ڪامسٽيڪ) بابت وزارتي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر اقبال چوڌري سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڪامسٽيڪ تي زور ڏنو ته اها افغانستان ۾ شاگردن کي آن لائين ۽ رڪارڊ شده تعليم فراهم ڪري، رڪارڊ شده سبق ۽ تربيتي ڪورس افغان شاگردن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿي سگهن ٿا. هن چيو ??ه ان سلسلي ۾ پاڪستان ??رچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي ماڊيولز ۽ آن لائين ??عليمي خدمتون پڻ پيش ڪري سگهي ٿو، انهن قدمن سان افغانستان کي درپيش تعليمي سهولتن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ٻين ??سلامي ملڪن ۾ سائنس ۽ زراعت جي ش??بن ۾ بهترين ??ريقن کي ماڊل جي طور تي اختيار ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ ان جي نقل ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ??ه پاڪستان ۾ پرائم منسٽر ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام نوجوانن کي ڊيجيٽل مهارتون فراهم ڪرڻ ۽ روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جو هڪ ڪامياب ماڊل آهي، ڊيجي اسڪلز پروگرام کي ٻين مسلمان ??لڪن ۾ نقل ڪري سگهجي ٿو. صدر قازقستان جي ش??گردن کي 20 فيلوشپس/ اسڪالرشپس ڏيڻ جي قدم کي ساراهيو. هن فلسطين ??ي ش??گردن جي لاءِ 50 خصوصي اسڪالرشپس/ فيلوشپس جي قدم پڻ ساراهيو. صدر چيو ??ه 2023ع جي ٻئي حصي ۾ ڪامسٽيڪ جي 16 هين ??نرل اسيمبلي جي اجلاس جي انعقاد جي تجويز تي غور ڪرڻ گهرجي. هن گهٽ ترقي يافته ملڪن ۾ شاگردن کي هنر ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪيترن ئي مسلمان ??لڪن ۾ ڪامسٽيڪ پاران کنيل مختلف قدمن کي ساراهيو.
صدر پاران ڪامسٽيڪ پاران گهٽ ترقي يافته مسلمان ملڪن ۾ هنر ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي جي قدمن جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ