اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو آ??ي ته فارن فنڊڊ پارٽين کي ملڪ کي عالمي چوڪ بڻائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، قوم جي مفاد کي مٿانهون رکندي فيصلا ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ منعقد قومي آئيني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو ته هو مختلف سياسي پارٽين جي انهن لکين سياسي ڪارڪنن کي خراج تحيش پيش ڪرڻ چاهي ٿو جنهن اڄ تائين 1973ع جي آئين کي محفوظ رکيو آ??ي. اڪابرن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ هن ملڪ لاءِ آئين ٺاهيو ويو، 1973ع جي آئين کانپوءِ ضياءُ الحق ۽ مشرف مارشل لا لڳايو ۽ عدالتن نظريه ضرورت تحت ان کي نه رڳو جائز قرار ڏنو پر فرد واحد کي آئين ۾ ترميمن جي اجازت به ڏني وئي. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جو تعين ايوب، ضيا ۽ مشرف ڪن??ا آيا آهن، هي پاليسي هن ايوان کي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان چين سان معاشي معاهدن تي عملدرآمد چاهيون ٿا، افغانستان ۾ افغانستان جي حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي، اسان ايران سان اقتصادي لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا جون عالمي تنظيمون هتي پنهنجي غلام سياستدانن ۽ فارن فنڊڊ پارٽين جي مد?? ڪنديون آهن، اهي آئين جي شڪل بگاڙين??ا آهن. اهي عدالتي نظام کي بگاڙين??ا آهن ۽ قوم کي ورهائين??ا آهن. پاڪستان ۾ ڇو فارن فنڊڊ پارٽين کي اڳتي آندو پيو وڃي، اسان کي انهن فارن فنڊڊ پارٽين سان ڳالهين تي ڇو مجبور ڪيو پيو وڃي، اسان ڳالهيون پاڪستان ۽ پاڪستان جي انهن پارٽين سان ڪنداسين جيڪي عالمي ايجنڊا تي عمل پيرا نه هجن. اسان کي پشتون، بلوچ، سرائيڪي قومپرستن سان به ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته آئين سان اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڪم ڪري رهي آهي، ڇو نه ان جي متفقه سفارشن کي هن پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون سفارشون مڪمل آهن. هن چيو ته اسان اڄ به آئين ۽ پارليامينٽ سان گڏ بيٺل آهيون. هتي فراڊي اين??ا آهن، ضياءُ الحق به اسلام جو نعرو لڳايو ۽ هاڻي هڪ فراڊي به مديني جي رياست جو نالو وٺي رهيو آ??ي پر اسلام پسندن سدائين اهڙن دوکي بازن کي رد ڪيو آ??ي. هن آئين جي جوڙجڪ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سمورن اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اسان جي اڪابرن قربانيون ان لاءِ ناهن ڏنيون ته هتي فارن فنڊڊ پارٽيون ملڪ کي عالمي چوڪ بڻائي ڇڏين جت?? ڀاڙي تي سياستدان دستياب هجن، ملڪ لاءِ فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
آئين ۽ پارليامينٽ سان گڏ بيٺل آهيون، 1973ع جي آئين کي محفوظ رکندڙ لکين سياسي ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا: وفاقي وزير مولانا اسعد محمود
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2