فيصل آباد – 11– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيصل آباد ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جو دورو ڪيو ۽ ا??ي جا ٿيلها ورهائڻ جي نظام جو جائزو ورتو. هن مفت ا??ي جي فراهمي جي نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فيصل آباد ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جي دوري جي موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم پاڻ به مستحقين ۾ ا??ي جا ٿيلها ورهايا ۽ ان موقعي تي عورتن کان ا??ي جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن بابت معلوم ڪيو، عورتن مفت ا??ي جي فراهمي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم مفت ا??ي جي فراهمي جي نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فيصل آباد جي 11 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي مفت ا??ي جا ٿيلها فراهم ڪيا پيا و??ن، فيصل آباد جي 5 تعلقن ۾ روزانو هڪ لک 25 هزار ٿيلها ڏنا پيا و??ن ۽ هر خاندان کي 10 ڪلوگرام ا??ي جا ٽي ٿيلها مفت ڏنا پيا و??ن، مفت اٽو 25 شعبان کان 25 رمضان تائين فراهم ڪيو پيو وڃي. ملڪي تاريخ م پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران مفت ا??ي جي فراهمي جاري آهي. عوامي شڪايتن جي از??لي لاءِ شڪايت سيل پڻ قائم ڪيا ويا آهن.
وزيراعظم پاران فيصل آباد ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جو دورو، اٽي جا ٿيلها ورهائڻ جي نظام جو جائزو ورتو
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل