اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته پر??يهي وزير بلاول ڀٽو ??رداري شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پر??يهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪيو. پر??يهي وزير اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن جي منافي آهي. پر??يهي آفيس جي ترجمان ممتازه زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته پر??يهي وزير بلاول ڀٽو ??رداري ڀارت جي شهر گووا ۾ ايس سي او پاران پر??يهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. اجلاس جي ايجنڊا ۾ علائقائي سلامتي، اقتصادي تعاون ۽ رابطن جي مسئلي سان گڏوگڏ عالمي اقتصادي ۽ سياسي اڳڀرائي تي شنگهائي تعاون تنظيم جي موقف تي ڳالهه ٻولهه شامل هئي. ترجمان چيو ته پر??يهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو ۽ خطي ۾ موثر ٽرانسپورٽ، ڪوريڊورز ۽ ڀروسي جي قابل سپلائي چين جي تعمير جي تجويز پيش ڪئي. ان سان گڏوگڏ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ??ه سي پيڪ علائقائي رابطن جي لاءِ هڪ قوت ثابت ٿي سگهي ٿو. ترجمان وڌيڪ چيو ته پر??يهي وزير دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ جامع ۽ اجتماعي موقف تي زور ڏنو ۽ چيو ??ه سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ دهشتگردي کي هٿيار نه بڻائڻ گهرجي. هن ڄاڻي واڻي اشتعال انگيز ۽ نفرت تي اتساهڻ جي به مذمت ڪئي ۽ فاشسزم جي خلاف گڏيل جدوجهد تي زور ڏنو. پر??يهي آفيس جي ترجمان پر??يهي وزير ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي چين، روس، قزاقستان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي هم منصبن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پر??يهي وزيرن جي اجلاس پاڪستان کي شنگهائي تعاون تنظيم سان پنهنجي ڳانڍاپي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ويزن پيش ڪرڻ جو اهم موقعو فراهم ڪيو. ترجمان چيو ته 2017ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو ميمبر بڻجڻ کانپوءِ پاڪستان ايس سي او جي سڀني سرگرمين ۾ فعال ۽ تعميري طور تي حصو ورتو آهي ۽ ان شنگهائي تعاون تنظيم جي گهڻ رخي شعباجاتي ايجنڊا جي پيروي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ??يو آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪيو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria