اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) مل?? ۾ ??اري مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ مهانگائي جي شرح 29.2 سيڪڙو رهي. جاري ڪيل قو??ي اقتصادي سروي موجب روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏن سبب رسد ۾ رنڊڪ، عالمي سطح تي کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو، بجلي ۽ تيل جي ٽيرف ۾ سڌارن سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو. ايران ۾ مهانگائي جي شرح فيبروري 2023ع ۾ 53.4 سيڪڙو، ترڪيه ۾ اپريل دوران مهانگائي 43.7 سيڪڙو، مص?? ۾ ??ارچ دوران 32.7 سيڪڙو ۽ ارجنٽائن ۾ مارچ ۾ مهانگائي جي شرح 104 سيڪڙو رهي. اقتصادي سروي موجب کاڌي پيتي جي شين/ضروري شين جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ لا??ِ حڪومت انتظامي سطح تي قدم کڻي رهي آهي، انتظامي قدمن سان گڏوگڏ حڪومت پاليسي سڌارن ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لا??ِ به قدم کڻي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2