اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ قطر واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪن??ا. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? محمد شهباز شريف سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن تي ??طمينان جو اظهار ڪندي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ قطر جي سفير جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد جي تازي دوري کي پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ قطر جي دلچسپي جو اظهار قرار ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه ۽ غذائي تحفظ، توانائي، آءِ ٽي، کاڻ کوٽائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون ۾ اضافي جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻئي ڀائر ملڪ واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪن??ا. ??زيراعظم قطر جي سفير کي سندس مستقبل جي ذميوارين ۾ ڪاميابين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير مهمان نوازي ۽ گرمجوشي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا جنهن پاڪستان ?? سندس مُدي کي حقيقت ۾ يادگار بڻائي ڇڏيو. قطر جي سفير 2020ع ۾ ڪورونا وبا دوران پاڪستان ۾ ذميواريون سنڀاليون هيون ۽ پنهنجون سفارتي ??ميواريون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هلندڙ مهيني پاڪستان مان روانو ٿي ويندو.
اميد ته پاڪستان ۽ قطر واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر