اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر اهم حيثيت رکي ٿو، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي م??ڪ ۾ رستن جي تعمير ۽ نگراني جي حوالي سان بهترين ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ اهڙن حصن ۾ روڊ انفراسٽرڪچر کي ترجيحي بنيادن تي ٺاهڻ جي ضرورت آهي جتي ٻاهرئين سيڙپڪاري متوقع آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ مختلف وزارتن جي اهم معاملن تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف وزارتن جي اهم معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي جاري ترقياتي م??صوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪوئيٽا – سکر هاءِ وي تي پن??را پُل ۽ ڪوئيٽا زوب رستي تي سوار پُل تي جاري ڪم تي اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آ??اهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پن??را پل جيڪا گذريل سال ٻوڏ سبب تباهه ٿي وئي هئي ان جي نئين سر تعمير تي ڪم ايندڙ مهيني کان شر??ع ڪيو ويندو. گذريل سال ٻوڏ کانپوءِ پل تان گذرندڙ ٽريفڪ جي لاءِ ڪاز وي ٺاهيو ويو هو جنهن سان ٽريفڪ ۾ رڪاوٽ کي ختم ڪيو ويو. 15 ميٽر ڊگهي ۽ اٽڪل 12 ميٽر ويڪري نئين پُل جي تعمير لاءِ گهربل وقت جو ڪاٿو 9 مهينا لڳايو ويو آهي. وزيراعظم پُل جي تعمير جي لاءِ گهربل وقت ۾ گهٽتائي آ??ڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پن??را پُل جي تعمير سان گڏوگڏ 118 ڪلوميٽر ڊگهي ڪوئيٽا – ڌاڌر روڊ ۽ 188 ڪلوميٽر ڊگهي ڌاڌر جيڪب آباد روڊ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي پڻ ڪئي ويندي جنهن سان نه رڳو وقت ۽ ٻارڻ جي بچت ٿيندي پر ٽريفڪ جي رش پڻ گهٽ ٿيندي. اجلاس کي سوار پُل تي جاري مرمتي ڪم بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 282 ميٽر ڊگهي سوار پُل جي مرمت جو ڪم آخري مرحلن ۾ آهي جڏهن ته ان دوران متبادل رستو نه هجڻ جي ڪري ٽريفڪ به نه روڪي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان پُل جي نئين سر تعمير تي پڻ جلد ڪم شر??ع ڪيو ويندو جنهن ۾ گهربل وقت جو ڪاٿو 6 مهينا لڳايو ويو آهي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي جاري م??صوبن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ ۽ تجويز ڪيل منصوبن تي بريفنگ تيار ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر اهم حيثيت رکي ٿو، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي م??ڪ ۾ رستن جي تعمير ۽ نگراني جي حوالي سان بهترين ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ملڪ جي اهڙن حصن ۾ روڊ انفراسٽرڪچر کي ترجيحي بنيادن تي ٺاهڻ جي ضرورت آهي جتي ٻاهرئين سيڙپڪاري متوقع آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ روڊ انفراسٽرڪچر تي خصوصي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي کان چمن رستي جي نئين سر تعمير تي ڪم شر??ع ڪيو وڃي، ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري وسيلا استعمال ڪيا وڃن، بلوچستان جي ٻين صوبن سان رابطا رستن کي بهتر ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت جو ڪم ماڻهن جي زندگين ۾ آساني پيدا ڪرڻ آهي.
ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر اهم حيثيت رکي ٿو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون