تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اق??صادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ??اص طور تي ٻطرفي واپار، دفاع ۽ توانائي جي شع??ي ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اق??صادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ??اص طور تي ٻطرفي واپار، دفاع ۽ توانائي جي شع??ي ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي نگر??ن وزيراعظم آذربائيجان ايئرلائين جي پاڪستان جي لاءِ سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن جي اعلان جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ڪاروبار، سياحت ۽ ماڻهن جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. نگر??ن وزيراعظم ۽ آذربائيجان جي صدر اسلامو فوبيا ۽ موسمياتي تبديلي سميت ٻين گڏيل چئلينجز، علائقائي تعاون ۽ گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اي سي او جي اهم ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ انساني بحران ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي تازه ترين صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگر??ن وزيراعظم آذربائيجان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي ??اص طور تي ڪاراباغ جي حوالي سان پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس