اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دبئي جي المڪتوم ??ال??ي هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات جي گورنمينٽ ڊيولپمينٽ ۽ فيوچر واري مملڪتي وزير ايهود بنت خلفان الرومي، پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير ۽ پاڪستاني سفارتي عملي نگران وزيراعظم کي رخصت ڪيو. دوري دوران نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. نگران وزيراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ پڻ شرڪت ڪئي ۽ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان جو قومي بيانيو پيش ڪيو. نگران وزيراعظم گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ گول ميز مباحثي ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. ڪوپ – 28 جي موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سريلنڪا ۽ مالديپ جي صدرن، نيدرلينڊز، استونيا، شام جي وزيراعظمن ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪوچيئر بل گيٽس سان ملاقاتون ڪيون. نگران وزيراعظم ڪوپ – 28 پاڪستان پويلين جو دورو پڻ ڪيو، ليونگ انڊس انيشي ايٽو جي حوالي سان ت??ريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ زيد سسٽين ايبلٽي پرائز جو ايوارڊ کٽيندڙ پاڪستاني شاگردن سان ملاقات پڻ ڪئي. ڪوپ – 28 دوران نگران وزيراعظم ??ال??ي ميڊيا کي ڏنل ??نٽ??ويوز ۾ موسمياتي تبديلي، ملڪ جي گهرو، پرڏيهي معاملن، علائقائي ۽ ??ال??ي معاملن ت?? پاڪستان جو موقف پڻ اجاگر ڪيو. نگران وزيراعظم دبئي کان گوادر پهچندو جتي هو چين پاڪستان دوستي اسپتال ۽ سامونڊي پاڻي کي صاف ڪري استعمال جوڳو بڻائڻ جي پلانٽ جو افتتاح ڪندو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی