اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ اڄ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ 2538 کدڙا فق??ر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، اسلام آباد جي ٻن تڪن سميت 4 تڪن تي کدڙا فقير به اميدوار طور ميدان ۾ لٿل آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل رجسٽرڊ ووٽر لسٽ مطا??ق اڄ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ 2500 کان وڌيڪ کدڙا فق??ر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. پنجاب سان تع??ق رکندڙ کدڙو فقير ناياب علي قومي اسيمبليءَ جي ٻن تڪن اين اي 46 ۽ 47 تان اميدوار آهي. پاڪستان ۾ قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهندڙ هي واحد کدڙو فقير آهي جڏهن ته ٻه کدڙا فقيرڪي پي ڪي اسيمبليءَ سيٽ تي چونڊ وڙهي رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار