اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته رمضان المبارڪ اسان کي ??لله تعاليٰ جي فرمانبرداري ۽ ان جي بندگي ۾ سرشار ٿي هڪ مثالي مسلمان بڻجڻ جو سنهري موقعو ڏي ٿو، هي امت جي وچ ۾ همدرديءَ، ايثار، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام پڻ کڻي اچي ٿو، رمضان المبارڪ جي مبارڪ موقعي تي سرنديءَ وارا ماڻهو وڌي چڙهي زڪوا??، صدقا ?? خيرات ادا ڪن. رمضان المبارڪ 1445هه / 2024ع شروع ٿ??ڻ تي قوم جي نالي پيغام ۾ صدر چيو ته آئون رمضان المبارڪ جي رحمتن ۽ مغفرتن سان ڀرپور مهينو شروع ٿ??ڻ تي پوري پاڪستاني قومي ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، رمضان المبارڪ اسان کي ??لله تعاليٰ جي فرمانبرداري ۽ ان جي بندگيءَ ۾ سرشار ٿي هڪ مثالي مسلمان بڻجڻ جو سنهري موقعو فراهم ڪري ٿو، مسلمان هن مهيني ۾ الله جي حڪمن تي عمل ڪري پاڻ کي ??قويٰ سان مزين ڪرڻ جي لاءِ عبادتن ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا ۽ الله تعاليٰ جي رحمت ۽ ڪرم سان گناهگارن کي مغفرت ملي ٿي. هن چيو ته الله تعاليٰ قرآن حڪيم ۾ فرمائي ٿو ته هن مسلمانن تي روزا ان جي لاءِ فرض ڪيا ته جيئن اهي پرهيزگار بڻجي سگهن، رسول الله ﷺفرمايو ته جيڪو شخص روزو رکي ڪوڙ ۽ بدعملي کان نٿو رڪجي، الله تعاليٰ کي ??ن جي بک ۽ اُڃ جي ضرورت نه آهي، اهي ارشادات اسان کي ??ن ڳالهه جي ياد ڏيارين ٿا ته روزو الله تعاليٰ جي حڪم تي بک ۽ اُڃ برداشت ڪرڻ سان گڏوگڏ سمورن گناهن کان بچڻ جو نالو پڻ آهي، غيبت، گارگند، مڪرو فريب، رشوت، وياج خوري، ذخيره اندوزي، ملاوٽ ۽ بدنظري جهڙن گناهن کان بچي ئي تقويٰ حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. صدر چيو ته هي مبارڪ مهينو امت جي وچ ۾ همدرديءَ، ايثار، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام پڻ کڻي اچي ٿو، رمضان المبارڪ ۾ اسان جي اها تربيت به ٿئي ٿي ته اسان معاشري جي غريبن، مسڪينن، يتيمن، لاچار ۽ ڪمزور طبقن جو احساس ڪندي انهن جي مدد ڪريون، آئون رمضان المبارڪ جي مبارڪ موقعي تي سرنديءَ وارن ماڻهن کي ??رخواست ڪريان ٿو ته اهي وڌي چڙهي زڪوا??، صدقا ?? خيرات ادا ڪن، پنهنجي سگهه کان وڌيڪ غريبن، مسڪينن ۽ ضرورتمندن جي مالي مدد ڪن ۽ ان سلسلي کي ??ڄو سال جاري رکن. هن چيو ته آئون هي مبارڪ مهينو شروع ٿ??ڻ تي عالمي دنيا ۽ مسلمان امت کي ??پيل ڪريان ٿو ته اها مظلوم فلسطينين جي پڻ مدد ڪري ۽ غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي روڪرائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي ??مضان المبارڪ جي برڪتن ۽ فضيلتن مان فائدو کڻڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ پاڪستان کي ??رقي ۽ ڪاميابي عطا فرمائي.
رمضان المبارڪ امت جي وچ ۾ همدرديءَ، ايثار، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام کڻي اچي ٿو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا