اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف هيليڪاپٽر جي حادثي ۾ ايران جي صد?? ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي سوڳ ڏ??اڙي جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي پاڪستان جو سٺو دوست هو، اسان کي سٺي خبر جي اميد هئي پر افسوس ائين نه ٿيو، صد?? رئيسي ۽ سندس ساٿين جي احترام ۽ ڀائر ايران سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ قومي جهنڊو جهُڪيل رهندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي هڪ مهيني کان به گهٽ عرصو اڳ هڪ تاريخي دوري تي صد?? ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي ميزباني جو شرف حاصل ٿيو. هو پاڪستان جو سٺو دوست هو. هن چيو ته ان سانحي تي پاڪستان ۾ سوڳ ڏ??اڙو ملهايو ويندو ۽ صد?? رئيسي ۽ سندس ساٿين جي احترام ۽ ڀائر ملڪ ايران سان يڪجهتي جي اظهار طور جهنڊو جھُڪيل رهندو. وزيراعظم چيو ته صد?? رئيسي جي هيليڪاپٽر جي ڪريش لينڊنگ جي اطلاع جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي کي بيچيني سان ڏسي رهيا هئاسين. سٺي خبر جي اميد هئي پر افسوس ائين نه ٿيو. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان ان وڏي نقصان تي ايراني قوم سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حادثي ۾ شهيد ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. عظيم ايراني قوم روايتي همت سان ان سانحي تي ضابطو آڻيندي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي شهادت تي افسوس جو اظهار، سوڳ ڏهاڙي جو اعلان
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino