اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪ??لهه وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان م??اق??ت ڪئي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ڪرم جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مستقبل ۾ ان قسم جي واقعن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.گذريل ڏينهن ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گهرو وزارت ۾ وفاقي گهر وزير محسن نقوي سان م??اق??ت ڪئي. م??اق??ت ۾ ڪي پي ڪي جي صورتحال، امن امان ۽ ڪرم جي افسوسناڪ واقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي ۾ امن امان لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو،گهرو وزير چيو ته ڪي پي ڪي ۾ امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ڪرم ۾ زمين جي تڪرار تي انساني حياتين جو نقصان افسوس جوڳو آهي،اسان جي ڪوشش آهي ته ڪرم سميت ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي. فيصل ڪريم ڪنڊي امن لاءِ سهڪار تي گهرو وزير محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو.
خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن