ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بلوچستان ۾ نادرا جي 21 نئين رجسٽريشن سينٽرز ۽ 6 موبائيل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ??لوچستان اسيمبلي ج?? اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي، صوبائي وزير، ??سيمبلي ميمبر، ??لاحڪار ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خان سميت ٻيا پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي سان گڏ ڪوئيٽا ۾ صوبي ۾ نادرا جي 21 نئين رجسٽريشن سينٽرز ۽ 6 نئين موبائيل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح ڪ??و. هن وفاقي ادارن جي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته حڪومتي ادارا بلوچستان جي ڏور??نه?? علائقن ۾ خدمتن جي آسان فراهمي جي لاءِ صوبائي حڪومت سان مڪمل تعاون ڪن ته جيئن عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن ۾ گهٽتائي ٿئي، وفاقي حڪومت عوام جي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿي. نائب وزيراعظم صوبي ۾ نادرا جي نئين رجسٽريشن سينٽرز ۽ ايم آر ويز جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان جي ڏور??نه?? علائقن جي 21 تعلقن ۾ نئين رجسٽريشن مرڪزن جي قيام سان عوام کي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي، ??نه?? کي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ مشڪلاتون درپيش هيون. هن چيو ته نئين رجسٽريشن مرڪزن ۽ موبائيل وهيڪلز سان عوام خاص طور تي وڏي عمر جي ماڻهن ۽ عورتن کي گهر جي درن تي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي سهولت ملندي.
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار پاران بلوچستان ۾ نادرا جي 21 نئين رجسٽريشن سينٽرز ۽ 6 موبائيل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی