نيويارڪ – 25 سيپٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي جي لاءِ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي سطحن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪ??و آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??با?? شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم بنگلاديش ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن تي روشني وڌي. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ موجود خيرسگالي مان فائدو کڻندي وزيراعظم پارليا??ان?? مٽاسٽا، گڏيل عوامي رابطن، راند??گر??، تعليمي ماهرن، فنڪارن ۽ شاگردن جي مٽاسٽا جي ذريعي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪ??و. وزيراعظم محمد ش??با?? شريف ڊاڪٽر محمد يونس کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني، جنهن سان علائقائي تعاون ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي سگهندي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪ??و ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي جي لاءِ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي سطحن تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس جي ملاقات، ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي لاءِ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي سطحن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات