اسلام آباد – 28 ?? آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي گڏجي پوليو جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي، جيستائين پوليو کي سدائين جي لاءِ شڪست ن?? ڏينداسين سُک سان نه ويهنداسين. وزير??عظ?? آفيس جي پ??يس ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. وزير??عظ?? چيو ته اسان کي گڏجي پوليو جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي، انشاءَ الله جلد پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجندو، جيستائين پوليو کي سدائين جي لاءِ شڪست ن?? ڏينداسين سُک سان نه ويهنداسين، پوليو جي خاتمي جي حوالي سان حڪومتي پوليو ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزير??عظ?? صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق ۽ قومي صحت واري سيڪريٽري کي تازي پوليو جي خاتمي جي مهم دوران ملڪ ۾ پوليو کان وڌيڪ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزير??عظ?? کي ملڪ ۾ تازي پوليو ڪيسز ۽ پوليو جي خاتمي واري مهم جي حوالي سان بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ هن وقت پوليو جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 41 ٿي چڪو آهي، انهن ڪيسز مان 25 ڪيسز اهڙا آهن جن جي روٽين اميونائزيشن بهتر نه آهي، ملڪ جي جن علائقن ۾ ٻارن ۾ پوليو ويڪسينيشن جي شرح بهتر آهي اتي پوليو جو ڦهلاءُ گهٽ آهي. اجلاس ۾ وزير??عظ?? جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، وزير??عظ?? جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
اسان کي گڏجي پوليو جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد