باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) ??ائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي ت??ديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آهي، 2022ع جي ت??اهي آڻيندڙ ٻوڏ پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 4 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو، پاڪستان کي 2030ع تائين موسمياتي ريزيلينس حاصل ڪرڻ جي لاءِ 348 ارب ڊالر جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن باڪو ۾ ڪوپ 29 جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ايشيا ۽ بحرالڪاهل ۾ موسم جي لاءِ اختراعي مالياتي سهولت جي لاءِ تقريب منعقد ڪرڻ تي اي ڊي بي ۽ فنانسنگ پارٽنرز جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته ماحولياتي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهڙي طرح جي پرعزم عا??مي اتحاد کي گڏجي ڪم ڪندي ڏسڻ متاثر ڪندڙ آهي. هن چيو ته اسان اسرندڙ ملڪن جي لاءِ دستياب سستي ۽ پهچ جوڳي موسمياتي فنانس جي لاءِ فورم جي عزم جي آجيان ڪريون ٿا. ??ائ?? وزيراعظم چيو ته ايشيا ۽ بحرالڪاهل ۾ آبهوا جي لاءِ جديد مالياتي سهولت حصيدارن جي ضمانت ۾ 2.5 ارب ڊالر جي رقم اسرندڙ ملڪن جي مدد جي لاءِ 11 ارب ڊالر جي ڪلائميٽ فنانس کي کوليندي. هن چيو ته اهو هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن اسان اسرندڙ ملڪن جي ضرورتن ۽ ترجيحن جي بنياد تي هڪ پرجوش نئين ڪوالنٽيفائيڊ ڪلائميٽ فنانس هدف جي ت??ين جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري ره??ا آهيون، لاڳو ڪرڻ جي ت??اون جي ذريعن کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. موسمياتي فنانس بنيادي طور تي قرض جي شڪل ۾ فراهم ڪيو وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻي موسمياتي مالياتي رڪاوٽ ڪرنسي رسڪ آهي جيڪو خاص طور تي ان حوالي سان آهي ته غيرملڪي ڪرنسي جو قرض گهٽ آمدني وارن ملڪن جي قرضن جو 70 کان 80 سيڪڙو بڻجي ٿو. ??ائ?? وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسرندڙ ملڪن کي درپيش انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن جي لاءِ ڪرنسي جي خطري کي روڪڻ جي لاءِ ايم ڊي بي ۽ آءِ ايم ايف ۾ سڌارن جي حمايت ڪري ٿو. ??ائ?? وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي ت??ديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آهي، 2022ع جي ت??اهي آڻيندڙ ٻوڏ پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 4 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو، پاڪستان کي 2030ع تائين موسمياتي ريزيلينس حاصل ڪرڻ جي لاءِ 348 ارب ڊالر جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان عا??مي برادري سان گڏجي موسمياتي ڪارروائي جي لاءِ پرعزم آهي، اسان ساليانو پبلڪ سيڪٽر پروگرام جو 20 سيڪڙو ڪلائميٽ ريسپانسيو پبلڪ انويسٽمنٽ تي خرچ ڪريون ٿا جنهن ۾ ٻوڏ جي ٺوس عمل کان وٺي ت??ديد توانائي ۽ موسمياتي سمارٽ ايگريڪلچر ۾ سيڙپڪاري شامل آهي.
پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آهي، 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 4 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی