اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل هفتي چ??ر ڪشميرين کي ??ار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي ڪشتواڙ جي مغل ميدان جي علائقي چاس ۾ ??ار??ي فوج جي هڪ ڪئمپ ۾ شد??د تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ترجمان چيو ته اهو واقعو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڦهليل اهڙي قسم جي زيادتين جي سلسلي ۾ تازو واقعو آهي. ترجمان چيو ته اسان ان پريشان ڪندڙ واقعي تي گهري ڳڻتي جو اظه??ر ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته حراست ۾ ٿيندڙ تشدد جي ذميوارن جو احتساب ڪيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ