مڪو شريف – 03 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب ??ي الحرمين الشريفين انتظاميا بزرگ عورتن جي سهولت لاءِ مسجد الحرام ۾ ”مصلي المسنات“ (بزرگ عورتن لاءِ نماز جي جاءِ) جي نال?? سان نماز جو هنڌ مخصوص ڪري ڇڏيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق مسجد الحرام ۾ سماجي خدمتن جي اداري جي ??هد??دار ڊا??ٽر عبير الجفير مسجد الحرام ۾ بزرگ عورتن لاءِ نماز جي جاءِ جو افتتاح ڪيو، ??زرگ عورتن لاءِ مخصوص اهو هنڌ ڪنگ فهد جي توسيع واري عمارت ۾ زميني ماڙ تي آهي. ڊا??ٽر عبير الجفير چيو ته ان جو مقصد بزرگ عورتن کي رش جي مسئلن کان بچائڻ آهي ته جيئن اهي عبادت اطمينان ۽ سڪون ۽ يڪسوئ?? سان ڪري سگهن. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا صارفين جو چوڻ آهي ته انتظاميا اهو قدم اسلامي تعليم جي تعميل ۾ کنيو آهي جيڪو بزرگن سان خاص معاملي لاءِ چوي ٿي.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن