ماسڪ?? – 05 سيپٽمبر(اي پي پي) روس جي صدر ولادي مير پيوٽن چيو آهي ته پنهنجي ملڪ جي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ جو دارومدار شام واسين تي آهي. روس جي خابرو اداري مطابق هن دوري تي آيل ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ڳالهه ٻولهه بعد هڪ ڪانفرنس دوران چيو ته اهو ضروري آهي ته شام جي خودمختياري ، آزادي ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ۽ بحران جي حل لاءِ بنيادي نقطه نظر جو خيال رکيو وڃي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته شام جي مڪمل بحالي لاءِ قومي مفاهمت ۽ ا??فاق حاصل ڪرڻ ضروري آهي ۽ اهو ته شام جي مستق??ل جو فيصلو پاڻ شام جا شهري ڪن ۽ ٻاهر جو ما??ل نه مڙهيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن