ٽوڪيو – 19 اپريل (اي پي پي) جاپان جي ڪمپني ٽويوٽا موٽرز ڊرائيونگ دوران پو??ان دروازا کلڻ جي خطري کي نظر ۾ رکندي سڄي دنيا مان اٽڪل 2 لک 11 هزار پريئس گاڏيون مرمت لاءِ واپس گهرائي ورتيون. اين ايچ ڪي مطابق جاپان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت ناڪافي واٽر پروفنگ سبب پاڻي اندر داخل ٿي پوين آٽوميٽڪ دروا??ن ۾ شارٽ سرڪ?? جو سبب بڻجي سگهي ٿو. وزارت چيو ته جيڪڏهن ڊرائيونگ دوران دروازا لاڪ نه ڪيا ويا هجن ته بدترين صورتحال ۾ کلي سگهن ٿا، هن وقت تا??ين اهڙا ٽي واقعا سامهون آيا آهن جڏهن پريئس جا دروازا گهٽ رفتار سان سفر ڪندي کلي ويا هئا پر ڪنهن حادثي جو اطلاع ناهي مليو. هن چيو ته ڪمپني ان ماڊل جي پيداوار ان وقت تا??ين روڪي ڇڏي آهي جيستائين ڄاڻايل مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پرزا حاصل نٿا ڪيا ويا وڃن.
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha