اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) معاشي س??ڪاري تنظيم (اي س?? او) جي 13 هين سربراهه اجلاس ۾ گڏيل قومن جي چار??ر ۽ اصولن، سياسي آزادي، خودمختياري ۽ علائقائي اتحاد، ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن ۽ تڪرارن جي پرامن حل تي عمل ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي تنظيم جي فعال ڪردار ذريعي درپيش مختلف مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ خطي ۽ ان جي عوام جي گڏيل فائدي ۾ موقعن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وزيراعظم محمد نواز شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ويو آهي ته سندس قيادت ۾ 13 هون اي س?? او سربراهه اجلاس ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو. 13 هين اي س?? او سربراهه اجلاس ۾ منظور ڪيل گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته اقتصادي تعاون تنظيم (اي س?? او) جي ميمبر ملڪن جي مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن 13 هين سربراهه اجلاس ۾ اي س?? او پروگرامن ۽ منصوبن تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ اي س?? او خطي جي گڏيل مفاد جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اقتصادي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جو گڏيل پڌرنامو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت