اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته رپورٽ جي آءِ ٽي کي ڏيڻي آهي ۽ ان رپورٽ ۾ حمد بن جاسم جو بيان به جي آءِ ٽي کي ئي رڪارڊ ڪرائڻو آهي، جيڪڏهن جي آءِ ٽي حمد بن جاسم جو بيان رڪارڊ نه ٿي ڪرائي ته ان ۾ مشڪلاتون پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي لاءِ نه پر جي آءِ ٽي جي لاءِ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي ??ي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حمد بن جاسم چيو ته شريف خاندان ۽ مرحوم محمد شريف جا منهنجي والد سان ڪاروباري لاڳاپا هئا ۽ ان کانپوءِ سيٽلمينٽ ڪ??ي ۽ ان کي هن هڪ خط لکيو جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ به داخل ڪرايو ويو. هن چيو ته ان سڄي معاملي ۾ سڀ کان اهم بيان قطر جي حمد بن جاسم جو آهي جنهن بابت هڪ سوال اٿي ٿو ۽ اهو سوال سڀني جي ذهن ۾ اٿي ٿو ته جي آءِ ٽي انهن سمورن ماڻهن کي گهرايو جن جو پاناما پيپرز سان پري تائين ڪو تعلق نه هو پر ان ??خص جنهن جي خط کي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائڻ تي ??سا?? جي سياسي مخالفن پاران تمام گهڻي سياست به ٿي ان ??خص حمد بن جاسم جي بيان کي جي آءِ ٽي سڀ کان اڳ ??ڪارڊ ڇو نه ڪرايو.
حمد بن جاسم جي بيان کانسواءِ رپورٽ جي آءِ ٽي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : گرم گرم