اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وزارت عظميٰ جي لاءِ منهنجو نالو محمد نواز شريف تجويز ڪيو ۽ ان جي س??ني تائيد ڪئي، آئون 45 ڏينهن وزيراعظم رهان يا 10 مهينا، ان جو فيصلو پارٽي ڪندي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جيترا ترقياتي ڪم ڪرايا ماضي ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته سمورن ملڪن سان لاڳاپا ب??تر بڻائڻ اسان جو هدف آهي، خواجه محمد آصف ڪامياب ترين پرڏيهي وزير ثابت ٿيندو، سفارتي معاملن جي لاءِ محمد نواز شريف کان ب??تر ڪو شخص نه ڏٺو، چين سان تازن لاڳاپن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو م??ي، روس سان لاڳاپن جي بحالي اهم ڪاميابي آهي، ڀارت سان لاڳاپن کي ب??تر بڻائڻ ملڪ جي مفاد ۾ آهي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada