اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ 6 نڪاتي ايجنڊا پيش ڪندي چيو آهي ته پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ علائقائي تعاون اڻٽر آهي، اسان کي پنهنجي ??اگ??افيائي بيهڪ، اقتصادي اثاثن ۽ سياسي رابطن مان فائدو کڻڻو پوندو، ڪورونا جهڙن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ صحت واري شعبي کي وڌيڪ ترقي ڏيڻي پوندي، سي پيڪ ذريعي افغانستان سميت وچ اوڀر تائين پهچ اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان افغانستان ۽ ازبڪستا?? جي وچ ۾ ريلوي رابطن سان واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي، ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ عالمي سطح تي ويڪسي?? جي هڪجهڙي فراهمي ضروري آهي، افغان امن عمل خطي جي پائيدار ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار اي سي او جي 14 هين سربراهه اجلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان کي اقتصادي تعاون تنظيم جي 14 هين سربراهه اجلاس جي لاءِ صدارت جي ڪرسي سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته اي سي او جو ايندڙ اجلاس ترڪمانستان ۾ ٿيندو. وزيراعظم صدر الهام عليوف کي به آذربائيجا?? جي والاريل علائقو آزاد ڪرائڻ تي به مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري اي سي او جا ميمبر ملڪ صحت ۽ معيشت جي شعبي ۾ دنيا جي ٻين ملڪن وانگر شديد متاثر ٿيا آهن. مجموعي طور تي 15 ڪروڙ ماڻهن کي ان وبا پنهنج?? لپيٽ ۾ ورتو ۽ 25 لک کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا، دنيا کي ڪورونا جي ڪري مختلف قسمن جا چئلينج درپيش آهن، اسرندڙ ملڪ ان وبا جي ڪري شديد متاثر ٿيا آهن ۽ اسا?? جي معيشت کي نقصان پهتو آهي، واپار ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ غربت وڌي آهي، هن چيو ته اي سي او سربراهه اجلاس جو مقصد علائقائي اقتصادي ترقي جي حوالي سان لائحه عمل تي غور ڪرڻ آهي، ڪورونا جي ڪري ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي نقصانن جو مڪمل ڪاٿو لڳائڻ اڃان باقي آهي، پاڪستان اهو سمجهندو آهي ته اسان کي پنهنجي عوام کي ڪورونا جو نشانو بڻجڻ ۽ بک کان بچائڻو پوندو ۽ پنهنجي عوام کي هڪ طرف بک ۽ ٻي طرف موت کان بچائڻ لاءِ قدم اڻٽر آهن. هن چيو ته معاشي مشڪلات?? جي باوجود اسا?? جي حڪومت غير معمولي قدم کنيا، ان کانسواءِ معيشت جي استحڪام، ماڻهن جون زندگي??ن بچائڻ ۽ روزگار کي برقرار رکڻ لاءِ معاشري جي غريب ماڻهن ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ احساس پروگرام تحت 8 ارب ڊالر?? جي روڪ مالي مدد ۽ سبسڊيز فراهم ڪئي آهي.
پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ علائقائي تعاون اڻٽر آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil