اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايتن موجب احساس پروگرام هلندڙ ٽن ??هينن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ 11 پناهگاهن (شيلٽر هوم) جو افتتاح ڪيو آهي ??نه?? ۾ 5 پناهگاهون ڪراچي ۾، 4 بلوچستان ج?? ضلعن ڪوئيٽا، قلعه عبدالله، گوادر ۽ لسٻيله ۾ جڏهن ته هڪ هڪ پناهگاه گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي ضلعن اسڪردو ۽ مردان ۾ تربيتوار قائم ڪيون ويون آهن. ضرورت موجب وڌ کان وڌ مزدورن تائين رسائي لاءِ اهي پناهگاهون گهٽ آ??دن?? وارن ۽ پناهگير مزدورن ج?? رهائشي علائقن ۾ قائم ڪيون ويون آهن، پناهگاهن ج?? تصور وزيراعظم جي بي وس ۽ لاچار ماڻهن کي سهولت ۽ انهن ج?? وقار کي برقرار رکڻ جي ويزن ج?? عڪاسي ڪري ٿو. پناهگاهون ماڻهن کي موسم جي شديد صورتحال ۽ سردي ۽ گرمي کان محفوظ رکن ٿيون، گذريل سال آگسٽ ۾ وزيراعظم غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن کي پناهگاهن ج?? معيار کي بهتر بڻائڻ جي ذميداري سونپي هئي، ان کانپوءِ ڪم کي تيزي سان ڪيو ويو ۽ هڪ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو ??نه?? تحت اسلام آباد ۾ سمورين پنج پناهگاهن ج?? معيار کي اپ گريڊ ڪيو ويو، غربت جي خاتمي ڊويزن پاليسي فريم ورڪ تيار ڪيو ۽ پاڪستان بيت المال کي ان تي عملدرآمد جي ذميداري سونپي وئي، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن مان جاري پريس رليز موجب وزيراعظم عمران خان ج?? خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته اهي پناهگاهون هڪ بيڊ ۽ ناشتي جي سهولت سان کاڌو، ضروري سامان، صفائي سٿرائي ۽ تحفظ فراهم ڪنديون آهن ۽ هر پناهگاه ۾ 500 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي مفت کاڌو ۽ رات جي قيام لاءِ 100 بسترن ج?? سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي.
وزيراعظم جي هدايتن تي احساس پروگرام هلندڙ سال 11 پناهگاهن افتتاح ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات