اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس ميچل ٽيليفون ڪي?? ۽ ساڻس افعانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم افغنستان سان سفارتي ۽ عالمي ادارن جي عملي ۽ ٻين ماڻهن جي نڪ??ڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪي??. يورپي ڪائونسل جي صدر نڪرڻ لاءِ لنگهه جي فراهمي ۽ ميزباني تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪي??، وزيراعظم پاڪستان جي موقف جي وضاحت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان جي سڀني ماڻهن جي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ انهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته هڪ جامع سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو آهي، وزيراعظم عمران خان ان اميد جو اظهار ڪي?? ته افغان اڳواڻ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪ?? ڪندا رهندا، وزيراعظم پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪي?? ته هو مسئلي جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، هن ??يو ته افغانستان ۾ سلامتي جي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ، امن کي برقرار رکڻ، انساني ??مد??دي جي ڪ??هن به چئلينج کي منهن ??يڻ ۽ افغان عوام جي معاشي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري جي مسلسل حمايت جي ضرورت آهي. افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ انساني ??مد??دي جي چئلينجن کان بچڻ ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ انهن جي مدد ڪرڻ اڻٽر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي حصيدارن سان ويجهي رابطي ۾ رهندو ته جيئن افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏئي سگهجي جنهن سان خطو ۽ ان کان ٻاهر جو علائقو مستفيد ٿيندو. وزيراعظم ۽ يورپي ڪائونسل جي صدر ان ڳالهه تي اتفاق ڪي?? ته ڌريون رابطي ۾ رهن ۽ افغانستان جي صورتحال تي ويجها رابطا رکن، وزيراعظم عمران خان يورپي ڪائونسل جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي به دعوت ڏني.
وزيراعظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر جو ٽيليفون، افعانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس