اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم هڪ ٻن ڏينه?? ۾ ??وم کي اقتصادي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ مهانگائي جي حوالي سان پئڪيج جو اعلان ڪندو، پنجاب ۾ ميئر جون چونڊون سڌوسنئون ٿينديون، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت?? ۾ ??سلسل اضافي تي ڳڻتي آهي، توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت ع??لي تيار ڪري رهيا آهيون، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي ان پئڪيج مان سڌوسنئون فائدو کڻندي، اعظم سواتي ۽ منهنجي خلاف اليڪشن ڪميشن جا نوٽيسز بي بنياد ۽ ناانصافي تي ٻڌل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصا?? جي ڪ??ر ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته تحريڪ انصا?? جي ڪ??ر ڪميٽي جي اجلاس ۾ مهانگائي ۽ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ٻن بنيادي ايجنڊائن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم هڪ ٻن ڏينه?? ۾ ??هانگائي جي حوالي سان هڪ وڏي پئڪيج جو اعلان ڪندو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي فائدو کڻندي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته اسان کي عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت?? ۾ ??سلسل اضافي تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته اسان توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ جي حڪمت ع??لي اختيار ڪري رهيا آهيون. پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون سنڌوسنئون ٿينديون، وزيراعظم ۽ ڪ??ر ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته پنجاب ۾ شهرن ۽ ضلعن جي ميئرز جي چونڊ سڌوسنئون ٿيندي، وزيراعظم پهرين ڏينهن کان ڊائريڪٽ ڊيموڪريسي جو واعدو ڪيو هو، ان ڏس ۾ تياري حتمي مرحلن ۾ آهي. هن چيو ته وزيراعظم پوري پارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته اها مقامي حڪومتن جي چونڊن جي لاءِ متحرڪ ٿئي، پنجاب جي ضلع?? ۾ ??امزدگي جو سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون، اهڙي طرح خيبرپختونخواهه ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي لاءِ مهم شروع آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران اعظم سواتي ۽ مُون کي موڪليل نوٽيسز زيادتي تي ٻڌل آهن، جنهن کي فوري واپس ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل ڳالهائيندي چيو ته اعظم سواتي ۽ چوڌري فواد حسين کي اليڪشن ڪميشن پاران نوٽيس تي پوري ڪ??ر ڪميٽي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، جمهوري ملڪن ۾ جمهوري رويا اهڙي طرح ناهن هوندا. هن چيو ته وزيراعظم هڪ ٻن ڏينه?? ۾ ??وم کي اقتصادي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ مهانگائي جي حوالي سان پئڪيج جو اعلان ڪندو.
وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ قوم کي اقتصادي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ مهانگائي جي حوالي سان پئڪيج جو اعلان ڪندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا