اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ پاڪستان ۽ آسٽريليا جو مئچ ٻن وڏين ۽ مضبوط ٽيمن جي وچ ۾ مقابلو آهي، وزيراعظم کي درخواست ڪئي آهي ته جيڪڏهن ا??ان فائنل ۾ پهچون ته وزيراعظم فائنل ڏسڻ ضرور وڃي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جهڙي طريقي ??ان شاندار راند جو مظاهرو ڪري رهي آهي، اهڙي ڪارڪردگي تما?? گهٽ رهي آهي، آسٽريليا جي خلاف مئچ کٽي ا??ان کي فائنل ۾ نيوزيلينڊ ??ان سيڪيورٽي جو مسئلو ڀرپور طريقي ??ان حل ڪرڻو آهي، ان لاءِ اڄ جي مئچ کٽڻ ضروري آهي. هن چيو ته انشاءَ الله ا??ان اڄ جي مئچ ضرور کٽينداسين، پوري قوم پنهنجي ٽيم ??ان گڏ بيٺل آهي، سمورن رانديگرن وٽ سپر ا??ٽار بڻجڻ جو موقعو آهي، 5 مختلف پليئرز کي مين آف مئچ جو اعزاز مليو آهي، هاڻي ڏسون ٿا ته ڇهين مئچ ۾ ڪنهن کي اهو اعزاز ملي ٿو.
اڄ پاڪستان ۽ آسٽريليا جو مئچ ٻن وڏين ۽ مضبوط ٽيمن جي وچ ۾ مقابلو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ