اسلام آباد – 12 فيبروري (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان گذريل سال جي حل ٿيل 15 لک شڪا??تن مان شهرين جي ٻيهر شڪا??تن تي 2 لک 29 هزار شڪا??تن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، شڪا??تن کي نظرثاني جي لاءِ مجاز اعليٰ آفيسرن جي حوالي ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته صوبائي سطح تي نظرثاني جي نگراني لاڳاپيل چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ڪن ۽ وفاقي سطح تي لاڳاپيل وزارت جا سيڪريٽري شڪا??تن تي نظرثاني جا ذميوار هوندا. وزيراعظم وفاقي ادارن جي ڪل هڪ لک 7 هزار شڪا??تن کي ٻيهر کولڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي جڏهن ته صوبائي سطح تي 80 هزار شڪايتون ??نج??ب حڪومت جي ماتحت ادارن جون آهن. وزيراعظم آفيس پاران اهو به ٻڌايو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت جي ماتحت ادارن جي 27 هزار شڪا??تن کي کوليو ويندو ۽ سنڌ صوبي جي 15 هزار، بلوچستان جي 3 هزار، آزاد ڪشمير جي 1100 شڪا??تن تي نظرثاني ٿيندي، گلگت بلتستان ۾ 400 شڪا??تن کي ٻيهر کوليو ويندو، شڪايتون ميونسپل سروسز، بجلي ۽ گئس، مواصلات ۽ تعليم جي شعبي بابت آهن، وزيراعظم آفيس جي هدايت ۾ چيو ويو آهي ته شڪا??تن تي نظرثاني ڪري لاڳاپيل اعليٰ آفيسر رپورٽ جمع ڪرائين.
وزيراعظم پاران حل ٿيل 15 لک شڪايتن مان 2 لک 29 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria