اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بجلي جي بحالي جو ڪم هنگامي بنيادن تي جاري آهي، مٽه سوات ٽرانسميشن لائين جي ٻوڏ سبب ڪري پوندڙ 2 ٽاورز کي ٻيهر فعال ڪيو ويو آهي، پشاور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني 132 ڪي وي مٽه گرڊ اس??يشن فعال ٿيڻ سان سوات جي هڪ وڏي حصي جي بجلي جي سپلائي بحال ڪئي وئي آهي. ٽرائبل ايرياز اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ٽانڪ جنڊولا سپلائي لائين بحال ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تيمر گره باجوڙ لائينز بحال ٿيڻ کانپوءِ منڊا ۽ باجوڙ گرڊز ما?? بجلي جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي. مدين گ??ڊ اس??يشن تي بحالي جو ڪم جاري آهي. 66 ڪي وي جي ڳڙهي خيرو گرڊ اس??يشن فعال ٿيڻ سان جيڪب آباد جي وڏي حصي کي بجلي جي فراهمي بحال ٿي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي سپلائي جي بحالي جي عمل کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان ان کي روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي.
وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بجلي جي بحالي جو ڪم هنگامي بنيادن تي جاري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ