اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي ??ي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽ??ي جنرل انتونيو گو??يرس ٻوڏ جي تباهي کان متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته آئُون تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستاني عوام سان گهري همدردي جي اظهار لاءِ پاڪستان آيو آهيان. اسلام آباد اچڻ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽ??ي جنرل چيو ته آئُون ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو آهيان، پنهنجي دوري دوران ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ۽ م??اثرين سان ملاقات ڪندس. گڏيل قومن جو سيڪريٽ??ي جنرل انتونيو گو??يرس دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو. ان کان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽ??ي جو ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان پهچڻ تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن استقبال ڪيو. ان کان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽ??ي جنرل پاڪستان اچڻ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيت ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان ۾ برساتن ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ٻوڏ متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل، آئُون تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستاني عوام سان گهري همدردي جي اظهار لاءِ پاڪستان آيو آهيان: انتونيو گوتيرس
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے