اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين ۽ ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ رکڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، اف??ان??تان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ ۽ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ۽ دفاعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 25 کان 26 نومبر تائين ترڪيه جو دورو ڪيو، ان دوري جي دعوت کيس ترڪ صدر رجب طيب اردوان ڏ??ي هئي، استنبول ۾ وزيراعظم ترڪيه جي صدر سان نويڪلائي ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ترج??ان چيو ته ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ، واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ ۽اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ 7 دفاعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، هنن توانائي ۽ رابطي جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم دوري دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان ترڪيه جي سيڙپڪارن کي آگاهه ڪيو 7 ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته تازو ئي ٽريڊ اينڊ گڊز معاهدي تي صحيحن سان ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ترج??ان چيو ته پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 29 نومبر تي اف??ان??تان جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو، ڪابل ۾ هن وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي، نائب وزيراعظم عبدالسلام حنفي ۽ افغان عبوري حڪومت جي ٻين عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون. دوري دوران هن تعليم، صحت، زراعت، واپار ۽ سيڙپڪاري کانسواءِ علائقائي ۽ عوامي رابطن ۽ سماجي اقصادي منصوبن سميت ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترج??ان چيو ته حنا رباني کر جي دوري دوران علائقائي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترج??ان وڌيڪ چيو ته پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير دوري دوران هڪ پرامن، خوشحال، مستحڪم اف??ان??تان جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو، هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ٻئي ملڪ نه رڳو مذهب، ثقافت ۽ تاريخ جي ٻنڌڻن ۾ ڳنڍيل آهن پر انهن جو مستقبل به اندروني طور تي ڳنڍيل آهي، اف??ان??تان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان چيو ته ڌرين علائقائي رابطن کي وڌائڻ بابت هڪ جهڙن خيالن جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ڪاسا 1000 ۽ تاپي گئس پائيپ لائين جهڙا منصوبا شامل آهن. ترج??ان چيو ته اف??ان??تان جي اقتصادي ترقي ۾ عورتن ج?? اهم ڪردار جو اعتراف ڪندي مملڪتي وزير پاڪستان ۽ اف??ان??تان جي ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوصلا افزائي ڪئي آهي، پاڪستان اف??ان??تان کي صحت جي سارسنڀال تائين پهچ ۽ علاج جي لاءِ پاڪستان ايندڙ کي سهولت فراهم ڪندو. ترج??ان چيو ته مملڪتي وزير جي ڪابل جي دوري جو مقصد ان اهميت کي اجاگر ڪرڻو هو ته پاڪستان اف??ان??تان سان پنهنجي پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن ک?? اهميت ڏي ٿو. ترج??ان چيو ته 2002ع ۾ ڀارتي رياست گجرات ۾ بي جي پي سياسي فائدي جي لاءِ مسلمانن جو قتلام ڪيو ۽ 20 سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر بي جي پي سياسي فائدي جي لاءِ فرقيواراڻي نفرت کي هوا ڏئي رهي آهي جنهن جو مقصد گجرات جي ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڀارت کي فرقيواراڻي تشدد جي لاءِ جاري اشتعال کي ختم ۽ گوڌرا جي افسوسناڪ واقعي ۽ گجرات فسادن ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ هڪ آزاد جاچ ڪميشن جوڙڻ گهرجي. ترج??ان چيو ته 6 ڊسمبر تي بي جي پي آر ايس ايس جي انتهاپسندن هٿان تاريخي بابري مسجد جي شهادت جا 30 سال مڪمل ٿي رهيا آهن، جنهن ??ان ان ڳالهه جو اظهار ٿئي ٿو ته اقليتن جي لاءِ جڳهه محدود ٿي وئي آهي. ترج??ان چيو ته پاڪستان کي ڀارت جي نيشنل انويسٽي گيشن ايجنسي دهلي جي عدالت پاران هڪ هٿ ٺوڪي ڪيس ۾ 5 بيگناهه ڪشميري نوجوانن کي عمرقيد جي سزا ٻڌائڻ جي فيصلي تي پڻ شديد ڳڻتي آهي، انهن نوجوان ڪشميرين کي انهن جي ڪشميري پس منظر جي ڪري انصاف کان محروم رکيو ويو. ترج??ان چيو ته اهو ڪيس ٻين بيشمار ماڻهن وانگر ڪشميرين جو آواز دٻائڻ ۽ انهن کي انهن جي حقن کان محروم ڪرڻ جي ڀارت جي جاري مهم جي عڪاسي آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مودي حڪومت جي آر ايس ايس جي هندوتوا ايجنڊا تي عمل پيرا آهي ۽ اها ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين ۾ اقليت ۾ تبديل ڪري انهن کي بي اختيار بڻائي رهي آهي. ترج??ان چيو ته ڀارت پنهنجي تازن قدمن ۾ والاريل ڪشمير جي چونڊ فهرستن ۾ 7 لک کان وڌيڪ نئين ووٽرز جو اضافو ڪيو آهي، انهن نام نهاد نئين ووٽرز جي اڪثريت غيرڪشميري ۽ ڀارتي فوج جي رٽائر?? اهلڪارن جي آهي، ان قدم جو مقصد والاريل ڪشمير ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي کي چونڊن ۾ فائدو پهچائڻ آهي. ترج??ان چيو ته ڀارت جو اهو قدم چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي واضح خلاف ورز?? اهي. ترج??ان ڀارت کان مطالبو ڪيو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ۽ منظم خلاف ورزيون ختم ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي ختم ۽ حقيقي ڪشميري اڳواڻن سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين ۽ ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2