راولپنڊي – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جو استعمال معاشري جي بهتري لاءِ آهي نه ڪي غلط معلومات يا جع??ي پروپئگنڊ جي اوزار طور جهڙوڪ ڪيترن ئي ملڪن ۾ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. هو نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي (اين ڊي يو) اسلام ??باد جي دوري جي موقعي تي نيشنل سيڪيور??ي اينڊ وار ڪورس 23 جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب صدر قومي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته قوم جي حيثيت سان اسان کي پنهنجي سماجي ۽ ثقافتي قدرن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. صدر شرڪت ڪندڙن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجو پاڻ کي تازي اڳ??رائي خاص طور تي آءِ ٽي، اي آئي ۽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ اڳ??رائي کان باخبر رکن. مواصلاتي ٽيڪنالاجيز ۽ خاص طور تي ڊيجيٽل پليٽ فارمز جو استعمال معاشري جي بهتري لاءِ آهي نه ڪي غلط معلومات يا جع??ي پروپئگنڊه جي اوزار طور جهڙوڪ ڪيترن ئي ملڪن ۾ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. صدر شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پرامن ۽ خوشحال پاڪستان جي لاءِ سخت محنت ڪن. صدر ??ست??بل جي چئلينجن موجب ??ست??بل جي قيادت کي معياري تربيت فراهم ڪرڻ تي نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي کي ساراهيو.
ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جو استعمال معاشري جي بهتري لاءِ آهي نه ڪي غلط معلومات يا جعلي پروپئگنڊ جي اوزار طور جهڙوڪ ڪيترن ئي ملڪن ۾ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم