اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) ڊائريڪٽوريٽ جنرل پبلڪ ريليشنز (ڊي جي پي آر) لاهور جي هڪ وفد ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميديا راڻا سهيل جي سربراهي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊيمپ) جو دورو ڪيو. ان مو??عي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا مانيٽرنگ جي جديد نظام ۽ طريقيڪار بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا مانيٽرنگ جي حوالي سان ٽيڪنيڪل معاملن ۽ تجربن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊيمپ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ڊ??ڪٽ?? طارق محمود ڊي جي پي آر جي وفد کي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز بابت بريفنگ ڏني. ان مو??عي تي ڊائريڪٽر ڊيمپ نگهت احسن، ڊائريڪٽر انفارميشن ڊي جي پي آر راولپنڊي محمد اويس، ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ ٽي شاهد نواز ۽ انفارميشن آفيسر ظهير احمد پڻ موجود هئا. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ڊيمپ ڊ??ڪٽ?? طارق محمود چيو ته اليڪٽرانڪ ميد??ا جي مانيٽرنگ عوامي ??سئلن کان آگاهي ۽ حڪومتي پاليسين جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي لاءِ انتهائي لازمي آهي ڇو ته وقت سان گڏوگڏ ميڊيا چينلز جي اهميت ۽ عوامي ??ذيرائي ۾ خاطرخواهه اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اداري ڊيمپ ۾ قومي اليڪٽرانڪ چينلز جي 24 ڪلاڪ ٽن شفٽن ۾ مانيٽرنگ ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته عالمي ??ي وي چينلز جي مانيٽرنگ جي حوالي سان پڻ هڪ منصوبي تي ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڪستان جي حوالي سان سڌوسنئون ۽ ملڪي پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان جيڪو به مواد نشر ڪيو وڃي ٿو ان کان آگاهي حاصل ڪري سگهجي. ڊائريڪٽر ڊيمپ نگهت احسن اليڪٽرانڪ ميڊيا مانيٽرنگ جي حوالي سان ڊي جي پي آر جي صلاحيت کي ساراهيندي چيو ته پنجاب حڪومت ۽ وفاق جي وچ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊ??ا جي مانيٽرنگ جي حوالي سان باقاعده رابطو اهم قدم آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊ??ا جي مانيٽرنگ هڪ تيز رفتار عمل آهي جنهن جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ ڊيٽا شيئرنگ جو عمل انتهائي اهميت رکندڙ آهي ڊي جي پي آر جي ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميديا راڻا سهيل چيو ته ڊي جي پي آر پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبائي اڪائي ۾ ۽ هڪ وڏي آبادي جي صوبي ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز جي مانيٽرنگ جي عمل کي ذميواري سان سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ڊي جي پي آر نه ??ڳو چينلز تي نشر ٿيندڙ خبرن جي مواد جي مانيٽرنگ ڪري ٿو پر ٽاڪ شوز جو پڻ عوامي ??قطه نظر جي حوالي سان جائزو ورتو وڃي ٿو. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊ??ا جي مانيٽرنگ جي حوالي سان جديد ٽيڪنالاجي ۽ اسڪلز جي حوالي سان سکڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن.
ڊي جي پي آر لاهور جي وفد جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں